خانپور (ن پ ا) خانپور ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن حافظ محمد سليم آرائين، خان محمد نوحاڻي، استاد محمد قاسم پٺاڻ، اصغر سيٺار، مولانا غلام قادر بروھي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته 3 مھينن کان خانپور ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ايس ايس پي نااھل آھي، جيڪو صرف ايس ايچ اوز بدلائڻ ۾ پورو آھي. هنن جو چوڻ هو ته شھرين کان منٿليون گھريون پيون وڃن، 3 ڏينهن اڳ اڳوڻي ٽائون چيئرمين افضل آرائين جي رائيس مل مان ھٿياربند ويگو ڪاھي ويا. ڦر ۽ چوريون ڪري ڏوھاري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته تڪ مان چونڊيل ايم پي اي صوبائي وزير امتياز شيخ ۽ ايم اين اي وفاقي وزير مير عابد ڀيو به امن جي حوالي سان سنجيده نظر نه ٿا اچن. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مستقل امن ڪرائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.اڳواڻن حڪمت عملي طئي ڪندي اڄ کان ٽائون ڪاميٽي چوڪ تي ھڪ ھفتي تائين احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته امن بحال ٿيڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.