خانپور (ن پ ا) خانپور جَي ڪچي واري علائقي ۾ خوني تڪرار تان مارجي ويل ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻن جِي هٿيارن جِي ڇانوَ هيٺ تدفين: جتوئي برادري جَي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بدستور برقرار: ڌريون مورچا بند هجڻ سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود: گذريل ڏينهن ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا قتل ۽ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿيا هئا: واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ڪا گرفتاري به عمل ۾ نه آئي.