خانپور (ن پ ا) ڳوٺ يارمحمد پھوڙ ۾ سئوٽن ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ نوجوان زاھد پٽ دادن پھوڙ قتل ٿي ويو،محمد عظيم ۽ مسمات ڌياڻي زخمي ٿي پئي.عظيم پھوڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو  ويو.رحيم آباد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش خانپور اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.مقتول جون وارث عورتون لاش تي ھنجون ھاريندي قاتلن کي پاراتا ڏينديون رھيون.عبدالقدير پھوڙ ۽ عبدالصمد پھوڙ جو چوڻ هو ته سئوٽ ظھور پھوڙ ساٿين سان گڏجي گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، منھنجو ڀاءُ زاھد موقعي تي قتل ٿي ويو. پوليس موجب سئوٽن ۾گھرو اڻبڻت تان واقعو پيش آيو آھي.