خانپور (ن پ ا) خانپور ويجھو پوليس ڪاروائي ڪري عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي ويندڙ پنجاب واسي 2 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، تفصيل موجب پوليس پڪٽ فيضو لاڙو جي اهلڪارن عورتاڻي آواز تي ھرکجي شادي جي آسري تي ڪچي ڏهه ميل طرف ويندڙ مظفر ڳڙهه واسي جڳهن جي اوستي 50 ورهين جي محمد ابراهيم ميراڻي ۽ رحيم يار خان واسي 35 ورهين جي محمد حسنين اعواڻ کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس موجب ڄاڻايل ٻنهي ڄڻن کي عورتاڻي آواز تي هرکائي شادي بهاني ڪچي طرف گھرايو ويو ھو، ٽيڪنيڪل ٽيم جي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻنھي ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو، پوليس موجب ٻئي ڄڻا ڪراچي ۾ پورھيو ڪري ڪمائيندا ھئا، جتان ھرکجي خانپور جي ڪچي طرف وڃي رھيا ھئا.