خانپور (ن پ ا) خانپور ٽائون ڪاميٽي ملازمن پير عبدالقوي، علي بخش جتوئي، شيراز بجاراڻي، علي حسن لاشاري، پير عمران پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانهيو ته ٽائون آفيسر  ۽ ايڊمنسٽريٽر پگھار مان ھر ملازم جا 3000 کان 22000 رپيا ڪٽوتي ڪري ظلم ڪن ٿا، پيپلز پارٽي جي چونڊيل ايم اين اي کي ڪيترائي ڀيرا ڏئي دانهن ڏئي چڪا آھيون پر ڪو به تدارڪ نه پيو ٿي. ملازمن سنڌ جي وڏي وزير ، بلديات جي وزير، ايم اين عابد ڀيو کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.