خانپورمھر (ن پ ا) 2 ڏينھن اڳ ڊاٽسن جي ٽڪر لڳڻ ڪري فوت ٿي ويل 16 ورھين جي زاھد پٽ مکڻو شيخ جي وارثن جو جامع مسجد چوڪ تي فوتي نينگر جو لاش رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي فوتي جي والد مکڻو شيخ، علي مراد، مسمات ممتا شيخ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته 2 ڏينھن شاھپورمھر روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ نينگر زاھد شيخ فوت ٿي ويو ۽ نامعلوم ڊاٽسن ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو پر پوليس 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ڊاٽسن ڊرائيور جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام آهي، هنن چيو ته ڊاٽسن ڊرائيور جي غفلت سبب نينگر فوت ٿيو آهي، اسان غريب آهيون ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حادثو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف 3 ڪلاڪ ڌرڻي بعد اي ايس آءِ لياقت مھر پھچي مظاهرين سان ڳالهايون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.