خانپور مهر ۾ نوجوان تي پوليس جي تشدد خلاف ميگهواڙ برادري سراپا احتجاج

0
182
خانپور مهر ۾ نوجوان تي پوليس

خانپور مھر (ن پ ا) خانپور مهر ۾ نوجوان تي پوليس جي تشدد خلاف ميگهواڙ برادري سراپا احتجاج بڻيل، ريلي بعد پنج گلي چوڪ تي ڌرڻي ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آھي

ان موقعي تي  مظاهرين جو چوڻ ھو ته پوليس بااثر جي چُرچ تي ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي، نوجوان وجي ڪمار ميگهواڙ تي ناري کي هيسائڻ جو ڪوڙ الزام مڙهي مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو

ھنن مطالبو ڪيو تھ  پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ۽ ميگهواڙ برادري کي تحفظ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

ھي به پڙھندا

غازي ڳوٺ تي چڙھائي خلاف احتجاج، سنڌ ۾ ڌارين کي تحفظ ۽ ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪيو پيو وڃي:اڳواڻ