خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ويجھو شاھپورمھر روڊ تي تيز رفتار شھزور جي ٽڪر ۾ خانپور مھر جي ميراڻي پاڙي جو پورھيت نينگر زاھد پٽ مکڻو شيخ ٿڏي تي فوت ٿي ويو نينگر کي راھگيرن لوڊر رڪشا تي کڻي شيخ ھمدان بن محمد اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو .