خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو لنڊ بازار لنڪ روڊ تي ٽاءِ راڊ ٽُٽڻ ڪري بُهھ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ گهوٽڪي جي ڳوٺ صوبدار کهاوڙ واسي الهبچايو کهاوڙ ۽ ڳوٺ عبدالرئوف چاچڙ واسي عبدالعزيز چاچڙ شديد زخمي ٿي پيا، جن کي سکر اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ٻئي ڄڻا فوت ٿي ويا، هوڏانهن فوتين جا مڙھ سندن گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.