خانپور مهر پوليس پايل ميگهواڙ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

0
385
خانپور مهر پوليس پايل ميگهواڙ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
خانپور مهر پوليس پايل ميگهواڙ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

خانپور مهر پوليس ڪراچي پوليس پاران هٿ ڪيل ناري پايل ميگهواڙ کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

وارثن پاران اغوا ڄاڻايل پايل ميگهواڙ کي گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي گبول ٽائون پوليس هٿ ڪيو هو، خانپور مهر پوليس پايل کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي خانپور کڻي آئي

ايس ايڇ او خانپور مهر جو چوڻ آهي ته پايل کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، پايل جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪراچي واسي ياسر بنگالي ۽ عامر بنگالي خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو

خانپور مهر ٿاڻي تي پهچايل پايل ميگهواڙ سخت ذهني دٻاءَ هيٺ نظر آئي، ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو