خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر ويجهو  ڳوٺ يار محمد ملڪ ۾ ٻن پورهيتن رسول بخش ۽ امداد ملڪ جي گهرن کي باھ لڳي وئي، نتيجي ۾ گهرن اندر پيل اناج،کٽون، بسترا توڙي ٻيو ضروري استعمال وارو سامان سڙي رک ٿي ويو. گهر ڀاتي صرف جانيون بچائي ٻاهر نڪري سگهيا. ڳوٺاڻن گهرن کي لڳل باھ تي ضابطو آڻي وڌيڪ اجھا سڙڻ کان بچائي ورتا. متاثر ڳوٺاڻن موجب باھ سبب الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو آهي، کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، سهائتا ڪئي وڃي.