خانپور مهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپور مهر ويجهو ڳوٺ حيات ڀنڀرو واسي مامو ۽ ڀاڻج  اغوا، وارثن اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي. خبر موجب خانپور مهر ويجهو ڳوٺ حيات ڀنڀرو واسي نوجوان شوڪت علي ۽ سندس مامي يونس ڀنڀرو کي اغوا ڪيو ويو آهي. وارثن پاران ٻنهي ڄڻن جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي. مغوي يونس ڀنڀرو جي ڀاءُ محرم علي ڀنڀري ٻڌايو ته عادلپور ٿاڻي جي حد قاضي واھ وٽان منهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي اغوا ڪيو ويو آهي. شام جو اسان کي فون ڪري ٻڌايو ويو ته توهان جا ٻه ماڻهو اغوا ڪيا آهن. وارثن غلام نبي ڀنڀري، لياقت علي ڀنڀري ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ عادلپور ٿاڻي جي حد مان شوڪت ڀنڀرو جي موٽرسائيڪل چوري ٿي هئي، جنهن جي واپسيءَ لاءِ ٻئي ڄڻا صبح جو گهران نڪري محمد پور طرف ويا ته واپس نه آيا. ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي، اهڙو اطلاع پوليس کي پڻ ڏنو آهي. وارثن مطالبو ڪيو ته ٻنهي ڄڻن کي بازياب ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي خانپور مهر پوليس ٻڌايو ته اسان کي ڪو اطلاع نه مليو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي عادلپور ٿاڻي جي وڏي منشي نور محمد ڪولاچي ٻڌايو ته عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ اغوا جو ڪو به واقعو پيش ناهي آيو. اٽڪل ٻه هفتا اڳ شوڪت ڀنڀرو جي موٽرسائيڪل عادلپور ٿاڻي جي حد مان ڦر ضرور ٿي هئي پر ٻئي ڄڻا اسان جي حد مان اغوا نه ٿيا آهن.