خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر ويجهو نوجوان ناري مبينا اغوا، پيرسن والدين جو احتجاج، جوابدارن خلاف ڪارروائي  ڪري ناريءَ کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو. خبر موجب خانپور مهر ويجهو ڳوٺ مينهون ميتلو مان جوابدار نوجوان ناري حليمان ميتلو کي مبينا طور اغوا ڪري ويا. ناريءَ جي پيرسن والد بخش علي ميتلو ۽ امڙ خانپور مهر ۾ صحافين وٽ پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو ته جوابدار رمضان، خميسو، ڪوڙو ميتلو ۽ ٻيا هٿيارن جي زور تي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 2 تولا سون، 4 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد نياڻي حليمان کي اغوا ڪري ويا آهن. واقعي بابت اطلاع ڏيڻ باوجود خانپورمهر پوليس ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نياڻيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي. ھوڏانھن خانپورمھر پوليس جو چوڻ ھو ته ناري اغوا جو معاملو ٽي ڏينھن پھريان پيش آيو، سندس بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.