جروار (رپورٽ: علي گوهر گبول ) خانپور مهر ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هڻي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، الزام هيٺ آيل نوجوان به زخمي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. تفصيل موجب خانپور مهر ويجهو ڳوٺ قائم سيال ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار محمد نواز سيال پنهنجي  22 ورهين جي ڀيڻ صائمه ڌيءُ خان محمد سيال کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدار جي فائرنگ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان رسول بخش سيال پڻ زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. خانپور مهر پوليس پاران قتل ٿيل ناري صائمه جو لاش شيخ همدان محمد اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن خانپور مهر پوليس جوابدار محمد نواز سيال کي گرفتار ڪري ورتو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.