خانپورمھر (ن پ ا) خانپور مهر واسي نوجوان راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿي گهر پهچي ويو، ان ڏس ۾  3 هفتا اڳ خانپور مهر ويجهو رحمت الله گبول جو رھواسي نوجوان آزاد  علي گبول عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي علائقي ۾ اغوا ٿي ويو هو ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن آزاد علي گبول جي بازيابي لاءِ وارثن کان 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، پر مغوي جا وارث غريب ھئا، اڄ مغوي آزاد علي گبول راڄوڻي تحت بازياب ٿي ڪري گھر پهچي ويو آهي، ان ڏس ۾ آزاد علي گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان شڪر گذار آهيان سردار علي گوهر  مھر ۽  شھريار  شر جو جن  منهنجي بازيابي لاءِ ڪوششون ورتيون، جن جي ڪري منهنجي بازيابي ٿي آهي.