خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڀيٽور واري علائقي ۾ لڳ ڀڳ ٻن سالن کان مهر برادري جي رموجا پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ گهٽجي نه سگهي آهي، جڏهن ته تڪرار سبب 15 کان وڌيڪ خاندان پنهنجا گهر ڇڏي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم بڻجي ويا آهن، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، واضح رهي ته2 سال اڳ زمين جي مالڪي تان شروع ٿيندڙ ڇڪتاڻ سبب جهيڙي ۾ هِڪ ڄڻو شاهنواز مهر مارجي ويو هو، جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي هئي، ان حوالي سان الزام هيٺ آيل ڌر جي عورتن مسمات مٽل، مسمات حڪيمان مهر ٻڌايو ته جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز مهر مارجي ويو هو، جنهن جو الزام اسان مٿان لڳائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، اسان جا مرد گهر ڇڏي دربدر آهن، ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، نبيري لاءِ ڪنهن به اپاءُ نه ورتا آهن، چونڊيل نمائندا توڙي انتظاميا  ڇڪتاڻ جي حل لاءِ ڪوششون وٺي ڌرين ۾ فيصلو ڪرائي ٺاھ ڪرائين. هوڏانهن مقتول شاهنواز مهر جي سئوٽ شير محمد مهر ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. پوليس موجب ته مقتول  شاهنواز مهر جو قتل ڪيس ستن جوابدار تي داخل آهي.