خانپور مهر جي اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
294
خانپور مهر جي اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

خانپورمهر: ميرپور ماٿيلو جي عدالت پوليس چڙهائي توڙي مبينا تشدد سبب معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو خانپورمهر ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 10 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

خانپورمهر ويجهو ڳوٺ لونگ گڏاڻي ۾ ٽي هفتا اڳ پوليس چڙهائي دوران مبينا تشدد سبب نينگري زينب گڏاڻي فوت ٿي وئي هئي

خانپورمهر پوليس جي تشدد م فوت نينگري جي وارثن وڪيل حسين احمد گڏاڻي معرفت گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته خانپورمهر پوليس بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ پوليس تشدد سبب نينگري زينب گڏاڻي جي زندگي هلي وئي، عدالت پٽيشن کي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ٽرانسفر ڪيو

سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او قابل ڀيو سميت 10 اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اڳوڻو ايس ايڇ او خانپور مهر قابل ڀيو ۽ اي ايس آءِ لياقت مجر، وڏو منشي يار محمد ابڙو ،اي ايس آءِ قربان گبول،عظيم گبول، غلام مصطفي سومرو ، محمد يونس گڏاڻي سميت ٻيا اهلڪار شامل آهن