خانپورمهر (ن پ ا) پ پ سٽي صدر عبدالعزیز مهر جي گرفتاري خلاف پ پ جي ورڪرن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن  ۽ ديدار محلي جي رهواسين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي حافظ عبد النبي مهر، ذوالفقار مهر، سڪندر مهر ،حفيظ گڏاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  رات جو پوليس پ پ سٽي صدر ۽ سماجي اڳواڻ عبدالعزیز مهر کي برسات دوران گٽر بند ڪرڻ جي الزم هيٺ گرفتار ڪيو آهي، هنن چيو ته عبدالعزیز مهر هڪ سماجي ڪارڪن آهي، هن برسات ۾ پنهنجي ٽيم ساڻ ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پرپوليس کيس  گٽر بند ڪرائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ کيس نامعلوم هنڌ گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  عبدالعزیز مهر کي آزاد ڪيووڃي.