خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر جي يوسي سونو پتافيءَ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو. ڳوٺ نظر علي گڏاڻيءَ ۾ پيرسن جي لاش کي برساتي پاڻي جھاڳي قبرستان پهچايو ويو. ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل. خبر موجب خانپور مهر لڳ يوسي سونو پتافيءَ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو. ڳوٺ نظر علي گڏاڻيءَ جو رهواسي 50سالن جو پيرسن عبدالغفار چنو رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪريو ويو ته، مرحوم جي مڙهه کي قبرستان تائين پهچائڻ وارثن لاءِ امتحان بڻجي ويو. فوتي جو مڙھ برساتي پاڻيءَ مان گذاري قبرستان تائين پهچايو ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺانن جو چوڻ هو ته تازين برساتن جو پاڻي اڃا تائين علائقي مان نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري سخت پريشانين جو شڪار آهيون. هوڏانهن ڳوٺ نظر علي خان گڏاڻيءَ کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي لاش کي پاڻي مان جھاڳي قبرستان تائين پهچائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي آهي.