خانواھڻ (ن پ ا) خانواھڻ پوليس ٻن چورن کي سوگهو ڪري ورتو، خبر موجب پوليس کي ڳجهو اطلاع مليو ته چور اسپيئر پارٽس جو چوري ٿيل سامان کڻي کپائڻ وڃي رھيا آھن، پوليس پيڇو ڪيو ته چورن اھلڪارن کي موٽرسائيڪل ھڻي زخمي ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس اھلڪارن گھيرو ڪيو ته چور موٽر سائيڪل ۽ چوري ڪيل سامان ڇڏي انبن جي باغ ۾ لڪي ويا، جتي ڳوٺ پير الياس ڪلھوڙو ۽ ڳوٺ جينداڻي ڪونڌر جي ماڻهن پوليس جي مدد سان ٻن چورن سرفراز ڀيو ۽ فدا حسين ڀيو کي پڪڙي ورتو، آخري اطلاعن تائين پڪڙيل چورن خلاف ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.