خانواھڻ/ڪنڊيارو (نمائندن وٽان) خانواهڻ ۾ ٽي اي او سيڪنڊري کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، ٽي اي او جو چوڻ آهي ته گادي نشين علي مرتضيٰ ابڙو ڪوڙن ڊفرنس بلن تي صحيح وٺڻ لاءِ هٿياربند ساڻ ڪري آيو ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ڏس ۾ ٽي اي او سيڪنڊري قيوم پيرزادو چيو ته صرافا بازار ۾ ويگو گاڏي ۾ سوار 5 هٿياربند کنڀي گاڏي ۾ وجهي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته ڪونڌر پاڙي وٽ گاڏي آهستي ٿيڻ تي مون وجهه وٺي دروازو کولي هيٺ ٽپو ڏنو، جنهن ۾ زخمي ٿي پيس، هن ٻڌايو ته رڙين تي شهري ۽ گهرڀاتي پهتا جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، هن الزام هنيو ته هڪ درگاهه جو گادي نشين علي مرتضيٰ ابڙو جيڪو پاڻ کي ڪنڊيارو تعلقي جي هڪ اسڪول جو عربي ٽيچر سڏرائي ٿو، اهو ڪوڙن ڊفرنس بلن تي صحيح وٺڻ لاءِ هٿياربند ساڻ ڪري آيو ۽ انڪار ڪرڻ تي هٿيارن جي زور تي کنڀي اغوا ڪيو، هن چيو ته کيس زندگيءَ کي خطرو آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن واقعي خلاف ھائير سيڪنڊري اسڪول ۽ پرائمري اسڪول خانواھڻ جي سوين شاگردن، استادن ۽ شهرين وڏي ريلي ڪڍي خانواھڻ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل گادي نشين علي مرتضيٰ ابڙو ٻڌايو ته هو عربي ٽيچر آهي، ڊفرنس بلن تي صحيح ڪرائڻ لاءِ قيوم پيرزادو وٽ ويس ته هن انڪار ڪيو ۽ اغوا جو ڪوڙو ڊرامو رچايو، هوڏانهن خانواھڻ ٿاڻي تي ٽي اي او قيوم پيرزادو جي فرياد تي 5 جوابدارن گادي نشين علي مرتضيٰ ابڙو، ثمر علي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي هئي، هوڏانهن ڪنڊيارو ۾ ٽي اي او تي حملي خلاف پ ٽ الف پاران عمار جوکيو، عزيز عباسي، عبدالرشيد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.