خانواهڻ (ن پ ا) خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي بدامني خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن شھري اتحاد، واپاري ايسوسيئيشن ۽ ٻين جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري سيد چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن منظور عباسي، غلام ڪبريا، عبدالستار شيخ، عاشق شاهه ۽ ٻين چيو ته شھر ۽ ڀرپاسي بدامني چوٽ چڙهي وئي آھي، ڦرن ۽ چورين جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن بدامني ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.