اسلام آباد: سينارٽي ۾ ڇهين نمبر تي آيل جنرل محمد عامر اڳوڻي صدر آصف زرداري جو ملٽري سيڪريٽري رهي چڪو آهي، جنرل محمد عامر هن وقت گجرانوالا ڪور جي ڪمانڊ سنڀالي رهيو آهي. جنرل محمد عامر کي خاموش طبيعت آفيسر طور ڄاتو ويندو آهي، آرٽلري سان تعلق رکي ٿو، هو اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو ڊائريڪٽر جنرل اسٽاف ڊيوٽيز هو ۽ آرمي سيڪريٽريٽ جي مامرن جي نگراني ڪندو هو، بطور ميجر جنرل هن لاهور ڊويزن جي ڪمانڊ ڪئي، گجرانوالا ڪور جي ڪمان کان اڳ جي ايچ ڪيو ۾ ايجوٽنٽ جنرل هو.