سکر (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام سکر طرفان شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي پيرول تي جي امڪاني آزاديءَ خلاف جي يو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سينٽرل جيل سکر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پراڻو نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. جيل انتظاميا جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ان ڏس ۾ جي يو آءِ سکر جي اڳواڻن مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن حنيف ڀٽو ۽ ٻين کي سنڌ حڪومت ۽ گهرو کاتو پيرول تي آزاد ڪرڻ چاهي پيو، جنھن تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڌرڻو هنيو آهي. ڪنهن به صورت قاتلن کي پيرول تي جيل مان آزاد ٿيڻ نه ڏنو ويندو. شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ عدالت مان انصاف جي اميد آهي. بعد ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ آصف ڪورائي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري کين آگاهه ڪيو سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي کان اهڙو ڪوبه حڪم نه مليو آهي. هوڏانهن جي يو آءِ اڳواڻن جي دعويٰ موجب جيل انتظاميا پيرول وارو آرڊر ڪينسل ٿيڻ جي ختم ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.