لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين لاءِ جماعت اسلامي ڪاميٽي قائم ڪري ورتي آهي، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ذريعن موجب 4 رڪني ڪميٽي ۾ لياقت بلوچ کانسواءِ پروفيسر ابراهيم، امير العظيم ۽ قيصر شريف شامل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي جي ڪميٽي ٻين جماعتن جي اڳواڻن سان رابطا ۽ ملاقاتون ڪندي، سڀني سياسي جماعتن کي چونڊن جي معاملي تي ڳالهين لاءِ راضي ڪيو ويندو. ذريعن موجب جماعت اسلامي جي ٽيم اي پي سي جي تجويز ڪيل تاريخ تي به مشاورت ڪندي.