ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ملازمن وچ ۾ رسڪ الائونس جي بحالي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي جڏهن ته ملازمن چوٿين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو جنهن سبب لکين مريض دربدر ٿي ويا. حيدرآباد ۾ ملازمن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي سول اسپتال، سروسز اسپتال، ڀٽائي اسپتال ۽ ليڊي ڊفرنس اسپتال سميت ٻين ڊسٽرڪٽ گورنمينٽس اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي رسڪ الائونس جي عدم بحالي خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي. ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسن سميت ٻي عملي جي هڙتال سبب شهر توڙي ٻهراڙي کان علاج لاءِ ايندڙ هزارين مريض دربدر ٿي واپس موٽي ويا. صحت کاتي جي ملازمن جو مطالبو آهي ته رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي ۽ سندن ٻيا مطالبا مڃيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.  نوابشاهه ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ڊاڪٽر محسن مينگل، ڊاڪٽر فراز ڪيريو، ڊاڪٽر عرفان جمالي، ڊاڪٽر رفيق ڪلوئي، سانوڻ سنڌي، در محمد بھراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي،سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل ۽ نرسنگ اسٽاف طرفان چوٿين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ عبدالحڪيم جاگيراڻي، امتياز ابڙو، فهيم ملاح، گلزار خاصخيلي، حڪيم لاڙڪ ۽ فاروق سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ٻانهنُ تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو محمد خان ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو  ويو.تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري  انور ترڪ نادر جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظهارو ڪيو ويو.  ھالا تعلقه اسپتال ۾ او پي ڊي جي بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر غلام مرتضا کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  ٺٽو سول اسپتال مڪلي جي او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري حاجي اسد خشڪ، حاجي ابراھيم سميجو، منظور چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قمبر ۾ اصغر چنجڻي، نواز مغيري ۽ ٻين احتجاج ڪيو.نئين ديري ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل عملي، ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران ڊاڪٽر نائلا ڀٽو، خادم حسين سيٺار، ضمير لاکو، دلمراد شر جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڏيئي اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر سميت پوري اسٽاپ پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ستين ڏينھن به ڊاڪٽر جيوت رام جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. گولاڙچي ۾ تعلقي اسپتال گولاڙچي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڊاڪٽر رمضان آرائين، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.  نصيرآباد ۾ خدا بخش سانگهرو، معشوق ايري، اشفاق شاھ جي اڳواڻي ۾ مطالبن لاءِ اسپتال جي احاطي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي.تلهار  ۾ رورل هيلٿ سينٽر تلهاررجي ملازمن ڊاڪٽرز  پنجين ڏينهن به اوپي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري رشيد ملاح علي خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  جنگشاهي ۾ پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري شوڪت پليجو، پير بخش جوکيو،عبدالڪريم خليفو، ذوالفقار جو کيو، فاروق پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.  لاڙڪاڻي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن سپروائيزر ريشمان لانگاهه، غلام زهره سولنگي، بينظير چنه جي اڳواڻي ۾ ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.ميروخان اسپتال ۾اوپي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ارشد پتوجو، محمد يوسف سنديلو، نادر مگسي جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي .مورو ۾ عملي او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر عبدالحميد ڪوريجو، ڊاڪٽر عبدالرزاق مري، ڊاڪٽر نديم صالح لانگاهه، شريف ڪوريجو، عاشق ڀٽي، ھارون ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،سڪرنڊ اسپتال ۾ ملازمن اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سيد بابو شاھ، نظير لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،ٽنڊو آدم ۾ ملازمن ڊاڪٽر امام علي ٻگهيو، مٺل پڃارو، مبارڪ خاصخيلي، ڪانڊيرو راهو، ڊاڪٽر اسماعيل هنڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت رسڪ الائونس بند ڪري اسان سان ظلم ڪيو آھي ۔ اسان پنهنجيون زندگيون داء تي لڳائي ٻين انسانن جون زندگيون بچايون ٿا پر صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جائز مسئلن کي حل ڪرڻ بجاء ڌمڪين تي لهي آئي آھي هنن گهر ڪئي ته رسڪ الائونس بحال ڪرڻ سميت سروس اسٽرڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج جاري رهندو ۔