حڪومت ۽ تحريڪِ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر لاءِ راضي ٿي ويا

0
175
رياست ۽ حڪومت

اسلام آباد: حڪومت ۽ تحريڪِ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر لاءِ راضي ٿي ويا، ان سلسلي ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري انڪشاف ڪندي چيو آهي ته، ٽي ٽي پي سان ملڪي آئين ۽ قانون موجب ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڳالهين ۾ رياست جِي حاڪميت ۽ ملڪي سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو، ڳالهين ۾ افغان عبوري حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو، ملڪ جا متاثر علائقا ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪمل امن ڏانهن وڌي رهيا آهن