اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي ٻيهر غور ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو آهي ته هڪجھڙائي واري قانونن کي ٻيهر ڏسي رهيا آهيون. چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته خوشي آهي ته پارليامينٽ ۽ حڪومت هڪجهڙائي وارن قانونن ۾ ترميم ڪري رهي آهي. حڪومت کي عدليه جي قانون سازي بابت سپريم ڪورٽ سان به مشاورت ڪرڻ گھرجي. ٻنهي قانونن ۾ هم آهنگي لاءِ پارليامينٽ کي ڏسڻ جو چئي سگهون ٿا.  گذريل ڏينهن چيف جسٽس عمرعطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بينچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرايڪٽ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيوته توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو، اٽارني جنرل صاحب توهان کي ڪجھه چوڻو هو. جنهن تي اٽارني جنرل چيوته هي قانون ڪيترن ئي ٻين معاملن کي به ڊيل ڪري ٿو، اسان جا ٻئي قانون آهن، هڪ سپريم ڪورٽ ريويو آف آرڊر اينڊججمينٽ ايڪٽ آهي، ٻيو سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آهي، ٻنهي ۾ نظرثاني ۽ وڪيل ڪرڻ وارين شقن ۾ هڪجھڙائي آهي. چيف جسٽس چيو ته چيف جسٽس چيو ته خوشي آهي ته پارليامينٽ ۽ حڪومت هڪجھڙائي وارن قناونن ۾ ترميم ڪري رهي آهي، حڪومت کي عدليه جي قانونسازي بابت سپريم ڪورٽ سان ۾شاورت ڪرڻ گھرجي. اٽارني جنرل ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ گھڻو وسيع آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي اندروني معاملن بابت شقون آهن، ٻنهي قانونن مان ڪنهن هڪ تي ڀاڙڻو آهي، ان ڪري هڪ حل تي پهچڻ ضروري آهي. چيف جسٽس چيو ته ٻنهي قانونن ۾ هم آهنگي لاءِ پارليامينٽ کي ڏسڻ جو چئي سگهون ٿا، توهان جي ان تجويز جي آجيان ڪريون ٿا.هاڻوڪو قانون نظرثاني جي درخواستن بابت هو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۽ نظرثاني قانون ٻنهي ۾ ڪي شقون هڪجھڙيون آهن. ٻنهي قانون ۾ گڏيل ٽڪراءَ کان بچائڻ لاءِ ٻيهر جائزو ورتو ويندو.  سپريم ڪورٽ جي انتظامي معاملن تي قانون سازي عدليه سان مشوري سان ناهي ٿي،  چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته توهين حڪومت کان هدايلت وٺي وٺو تيستائين ڪنھن ٻئي کي ٻڌي ٿا وٺون. اخباري خبرن موجب پارليامينٽ ڪارروائي عدالت کي فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. پارليامينٽ کي شايد خبر نه هئي ته سموري ڪارروائي ويب سائيٽ تي موجود آهي. ايندڙ هفتي هن ڪيس کي ٻڌنداسين، سمورا وڪيل جيڪي ڪراچي کان ڊگھو سفر ڪري آيا آهن انهن سان معذرت ڪروين ٿا، اٽارني جنرل چيو ته هتي موسم وڻندڙ آهي، اميد آهي سڀ انجوائي ڪندا، ان کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.