حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ مناسب طريقو ناهي:ڄام ڪمال

0
234

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ مناسب طريقو ناهي، اپوزيشن وارا ٿاڻن تي ويهي 10 پريس ڪانفرنسز ڪندا ته اهميت نه هوندي، اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرز ڳالهائيندا ته اُن کي اهميت ملندي، بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب دوران وڏي وزير ڄام ڪمال جي بجيٽ خلاف احتجاج ڪندڙ اپوزيشن تي تنقيد ڪئي آھي، بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته اپوزيشن اجايو ضد ڪيو آهي ته ايندڙ 2 سال رستن ۽ ٿاڻن تي گذارڻا آهن، چاهيون ٿا ته بلوچستان ۾ مخلوط حڪومت 5 سالن جو مُدو پورو ڪري، اپوزيشن اڳواڻن تي ذميواري آهي ته پنهنجي عمل تي معذرت ڪن، اپوزيشن کي ٿاڻن تي ڪنهن ناهي ويهاريو، اُهي پنهنجي مرضي سان ويٺا آهن، ووٽرز کانئن پڇاڻو ڪندا ته اسيمبلي ۾ سندن مسئلن تي ڇو نه ڳالهايو؟.