حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
583

وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو آهيان ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ناگزير آهي

 حڪومت پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ رات 12 وڳي کان ڪيو ويندو

مفتاح اسماعيل چيو ته اگهه ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جو هڪ ليٽر 179.86 رپيا، ڊيزل 174.15 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 148.31 رپيا في ليٽر ٿي ويندو.جنهن قيمت تي ڊيزل موجود آهي ان کان 56 رپيا گهٽ آهي. گاسليٽ 155.56 رپيا في ليٽر هوندو

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت ۾ فيبروري تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو هو. گذريل حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه مقرر ڪري پهرئين ڏينهن کان چيو هو ته عوام تي ڪجهه بار وجهڻ ضروري آهي.

هن چيو ته سول حڪومت هلائڻ جي لاڳت 42 ارب رپيا ۽ سبسڊي 100 ارب رپيا آهي، 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ نه ٿي ته آءِ ايم ايف قرض نه ڏيندو، جيڪڏهن عمران خان جي فارمولي تي هلان ته ڊيزل 305 رپيا ٿي ويندو، جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت ۾ واڌايون ھا ته نه ٿئي ها ته رپئي جي قيمت گهٽجي رهي آهي.