اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت تحريڪ انصاف جي لاهور کان اسلام آباد تائين اعلانيل لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون، ذريعن مطابق لانگ مارچ جي موقعي تي مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ آنسو گيس جا خصوصي انتظام ڪيا پيا وڃن، 3 هزار ايف سي اهلڪار اسلام آباد گهرايا ويا آهن، وفاق  صوبن کان پوليس گهرائڻ کانسواءِ وڌيڪ رينجرز ۽ ايف سي جا 30 هزار اهلڪار اسلام آباد گهرائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، ذريعن مطابق اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ٿيڻ جي صورت ۾ رستن کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويندو، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن کان به پوليس گهري وئي آهي، جتان اڃا تائين وفاق کي ڪو جواب ناهي مليو.