اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران رمضان مهيني دوران عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اگهه نه وڌائڻ سبب پيٽروليم مصنوعات تي ليوي ۽ سيلز ٽيڪس گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي نه ورتي، وفاقي حڪومت موجب اهڙي ريت حڪومتي خزاني کي 4 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. موجوده اگهن موجب پيٽرول 108 رپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 110 رپيا، لائيٽ ڊيزل 77 ۽ گاسليٽ جو اگهه 80 رپيا في لٽر آهي.