اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موجوده پي ٽي آءِ سرڪار جي اڍائي سالن دوران وفاقي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ڇهين چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن مطابق ايف بي آر جو موجوده چيئرمين محمد جاويد غني جنهن کي 7 جولاءِ 2020 تي ايف بي آر جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو، اهو اڄ10 اپريل تي رٽائر ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري وفاقي ڪابينا سمري سرڪيوليشن ذريعي عاصم احمد کي ايف بي آر جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، عاصم احمد ان لينڊ روينيو جو آفيسر آهي، جيڪو هن وقت ايف بي آر ۾ ميمبر آءِ ٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي، نئون مقرر ٿيل ايف بي آر چيئرمين 31 جولاءِ 2023 تي پنهنجي مدت ملازمت مڪمل ڪري رٽائر ٿيندو، ان کان اڳ موجوده حڪومت جي دور ۾ 5 ايف بي آر جا چيئرمين تبديل ٿيا آهن، جن ۾ رخسانه ياسمين، محمد جهانزيب خان، شبر زيدي، نوشين جاويد امجد ۽ محمد جاويد غني شامل آهن. هوڏانهن وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ان لينڊ روينيو جي گريڊ 21 جي آفيسر عاصم احمد کي ايف بي آر جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن 11 اپريل کان لاڳو تصور ٿيندو، ايف بي آر جو مقرر چيئرمين جاويد غني اڄ 60 سالن جي عمر جو ٿي پنهنجي ملازمت مقرر ڪري وٺندو، ذريعن مطابق ايف بي آر جي چيئرمين جي عهدي لاءِ گريڊ 21 جي ٽن آفيسرن جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ پهرين نمبر تي عاصم احمد جو نالو تجويز ڪيو ويو هو، ٻئي نمبر تي طارق هديٰ شاهه ۽ ٽيون نالو سيد نديم رضوي جو تجويز ڪيو ويو هو