اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف کي 3 ارب ڊالرز جي وڌيڪ فنانسنگ جو پلان ڏئي ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته رائونڊ پروگرام سان 45 ڪروڙ، اَي آءِ آءِ بي ۽ ڪمرشل بئنڪن کان هڪ ارب ڊالرز قرض ملندو، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي عملدارن وچ ۾ فنانسنگ تي ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان پرعزم آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿي وينديون.