اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، هڪ هفتي دوران 30 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، 10 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 11 شين جون قيمتون برقرار رهيون، چانهه جي پتي، مڱن جي دال، ماش جي دال، آنا، اٽو ۽ چانور مهانگا ٿيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڱن جي دال جي في ڪلو قميت ۾ 8 رُپيا 31 پئسا واڌ جڏهن ته هڪ هفتي دوران في درجن آنن جي قيمت 7 رپيا وڌي 242 ٿي وئي، ويهه ڪلو اٽي جو ٿيهلو هڪ هفتي دوران 25 رُپيا 41 پئسا مهانگو ٿيو، ماش جي دال جي في ڪلو اگهه ۾ 6 رُپيا 34 پئسا واڌ ٿي، جڏهن ته گوشت ٻه رُپيا مهانگو ٿيو. هفتي دوران 10 شين ۾ لاٿ ۽ 11 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. بصرن جي في ڪلو جي قيمت هڪ سئو رپيا 75 پيسن کان گهٽ ٿي 84 رپيا 39 پيسا، ٽماٽر في ڪلو 163 رپيا مان گهٽ ٿي 147 رپيا، ايل پي جي جو 11 ڪلو وارو سلينڊر 3 هزار 84 رپين مان گهٽ ٿي 3 هزار 3 رپيا، ثابت مرغي جي في ڪلو جي قيمت 287 رپين کان گهٽ ٿي 282 رپيا، ائين گيهه جي في ڪلو قيمت 542 رپين کان گهٽ ٿي 539 رپيا تي پهتي آهي. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هفتي دوران مهانگائي گهٽجڻ جو سلسلو جاري رهيو پر اهو سلسلو سست رهيو، مهانگائي جي هفتيوار شرح ۾ 0.19 سيڪڙو جي معمولي لاٿ آئي جڏهن ته مهانگائي جي هفتوار شرح  40.58 سيڪڙو رهي.