سلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف عوام کي وڏو رليف ڏيندي بجلي جي قيمتن ۾ سوا 4 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته آڪٽوبر مهيني ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، اها گهٽتائي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، سيپٽمبر جي بجلي بلن ۾ لڳندڙ ٽماهي ايڊجسٽمينٽ جاري رکڻ جو فيصلو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اهو فيصلو بجلي جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، عوام تي پوندڙ بار کي ڏسندي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.