اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته شرمناڪ ڳالهه اها آهي ته حڪومت پاڪستان جي هڪ سيڪڙو آبادي کي به ڪورونا ويڪسين نه لڳائي آهي، ان حوالي سان به چين جي بيل آئوٽ پيڪيج جو انتظار ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته موجوده حڪومت 2018ع کان مجموعي طور تي 33 ارب ڊالرن جو غير ملڪي قرض حاصل ڪيو آهي، جنهن ۾ يورو بانڊز جي رقم به شامل آهي، هن چيو ته ملڪ مٿان بيروني قرض 18 کرب رپين تائين پهچي ويو آهي، ان قرض ۾ هڪ سال ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، مجموعي طور تي ملڪ مٿان قرض 44 کرب کان وڌيڪ چڪو آهي پر صبح شامل اها دعويٰ ڪئي ويندي هئي ته اسان قرض نه وٺنداسين، تباهي سرڪار جي نااهلي سبب هر پاڪستاني هڪ لک 75 هزار جو قرض ٿي ويو آهي.