حڪومت هلي نه پئي، پر اُن کي هلايو وڃي ٿو، اسان حڪومت هلائيندڙن کي سڃاڻون ٿا: فضل الرحمان

0
280
عمران کي اقتدار مان ڪڍڻ ڪافي
عمران کي اقتدار مان ڪڍڻ ڪافي ناهي، سندس نالو نشان به مٽائڻو آهي، ادارا نيوٽرل رهن: فضل الرحمان

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) پي ڊي ايم سربراھ فضل الرحمان چيو آھي تھ حڪومت هلي نه پئي، پر اُن کي هلايو وڃي ٿو، اسان حڪومت هلائيندڙن کي سڃاڻون ٿا، چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر حالتون خراب ڪرڻ نٿا گهرون، پي ڊي ايم سربراهه طرفان رانا شميم جي حلفي بيان واري معاملي جي اعليٰ سطحي شفاف جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياست ۾ ناجائز مداخلت ٿئي ته شڪايت ڪرڻ حق آهي، اسان ادارن کي غيرجانبدار ۽ غير تڪراري ڏسڻ گهرون ٿا، ننڍين پارٽيز تي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، حڪومت جي آئيني ۽ قانوني طريقي سان رستا روڪ ڪنداسين، نااهل حڪمران پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ غيرقانوني طريقيا اختيار ڪري رهيا آهن

ھن چيو تھ رانا شميم جي حلف نامي واري معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، چوٿين جج طرفان حلفي بيان ڏنو ويو آهي، جاچ ڪرڻ گهرجي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي، ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس دوران پي ڊي ايم سربراهه چيو ته پنجاب حڪومت ڪيرائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته متبادل ڇا هوندو، متبادل اُن کان به وڌيڪ خراب هجي ته ڇا ڪنداسين

 

ھي وڊيو بھ ڏسندا