حڪومت نيب چيئرمين جاويد اقبال کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0
136
جاويد اقبال کي هٽائڻ جو فيصلو
حڪومت نيب چيئرمين جاويد اقبال کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: حڪومت نيب چيئرمين کي هٽائڻ ۽ سياستدانن توڙي ڪامورن خلاف ڪاررواين لاءِ نيب جا اختيار تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

گڏيل اتحادين جي حڪومت نيب ۾ 31 ترميمن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب اهم ترميم اها ڪئي ويندي ته نيب عدالت جِي منظوري کانسواءِ گرفتاري نه ڪري سگهندو، جڏهن ته  ڪرپشن ڪيسز ۾ نااهلي جِي سزا 10 بدران 5 سال مقرر ڪرڻ جِي تجويز ڏني وئي آهي

2 جون تي نيب جو ترميمي آرڊيننس جو مدو پورو ٿيڻ بعد رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال نيب چيئرمين جي عهدي تي نه رهي سگهندو

ترميمن موجب نيب 5 سال کان وڌيڪ پراپرٽي ٽرانزيڪشن يا قدم خلاف جاچ نه ڪري سگهندو، ثبوتن پيش ڪرڻ جِي ذميواري جوابدار بدران نيب مٿان رکڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي

 ٻئي پاسي وفاقي ڪابينا نيب قانونن ۾ ترميمن لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قانون وارو وفاقي وزير سربراهه هوندو، ڪميٽي ۾ وڪيلن، بينڪن ۽ ٻين شعبن سان واڳيل شخصيتن کي به شامل ڪيو ويندو، ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته، نيب جو ڪارو قانون سياسي انتقام ۽ ڪاروباري طبقي کي هراسان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي