اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي روڪڻ ۾ ناڪام، مهانگائي جي شرح ملڪ جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، 19 جنوري تي مڪمل ٿيل هفتي دوران ٽوٽا باسپتي چانورن جي في ڪلو قيمتن ۾ 5 رپيا، بصرن جي في ڪلو قيمتن ۾ 8 رپيا، ثابت مرغي جي قيمتن ۾ ساڍا 3 رپيا، 11 ڪلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمتن ۾ 62 رپيا اضافو ٿيڻ سوڌو مجموعي طور تي 23 شين جي قيمتن ۾ اضافو، 11 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 17 شين جون قيمتون برقرار رهيون، تفصيل موجب شماريات کاتي 19 جنوري تي ختم ٿيل هفتي دوران ملڪ اندر عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي ۽ گهٽتائي جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 19 جنوري 2023 تي ختم ٿيل هفتي دوران مهانگائي جي شرح ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 31.83 سيڪڙو تي پهچي وئي، هفتي دوران 51 عام واهپي ۽ استعمال جي شين مان 23 شين جي قيمتن ۾ اضافو، 11 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 17 شين جون قيمتون برقرار رهيون، مڪمل ٿيل هفتي دوران ٽوٽا باسپتي چانورن جي في ڪلو جي قيمت ۾ 5 رپيا 36  پيسا، بصرن جي في ڪلو قيمتن ۾ 7 رپيا 91 پيسا،ثابت مرغي جي في ڪلو قيمتن ۾ 11 رپيا 76 پيسا، في درزن ڪيلن جي قيمتن ۾ 3 رپيا 67 پيسا، 11.67 ڪلو جي ايل پي جي سيلينڊر جي قيمتن ۾ 62 رپيا 78 پيسا، ٿوم جي في ڪلو جي قيمتن ۾ 7 رپيا 86 پيسا، 250 گرام ڪپڙن ڌوئڻ واري صابڻ جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 68 پيسا، ائين سادي ڊبل روٽي، دال مڱ، دال ماش، ڳڙ، رڌ پچاءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪاٺين، تازي کير، ڏهي، پائوڊر واري کير سوڌو 23 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، گذريل هفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمتن ۾ 108 رپيا 44 پيسا، ٽماٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ هڪ رپيو 61 پيسا، پٽاٽن جي في ڪلو قيمتن ۾ هڪ رپيو 20 پيسا، گيهه جي ڪلو جي قيمتن ۾ 2 رپيا 55 پيسا، ائين دال مسور، آنن، دال چڻن جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي شامل آهي.