حڪومت مهانگائي ته ڪري ڇڏي پر آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون:شھباز شريف

0
239
حڪومت مهانگائي ته ڪري ڇڏي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ حڪومت مهانگائي ته ڪري ڇڏي پر آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، هاڻ حڪومت پيٽرول ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺي

 قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃڻ باوجود ڳالهيون ناڪام ٿيون، ڇا اِها آهي حڪومت جي حڪمت عملي؟، حڪومت پنهنجي نااهلي سان مايوسي پکيڙي رياست ۽ شهرين جو رشتو ڪمزور ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ صورتحال خطرناڪ ٿي وئي آهي.

ٻئي پاسي سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ اِن ڳالهه جو مقابلو آهي ته وڌيڪ نالائق ڪير آهي، نااهل حڪمرانن عوام جو جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان هر شئي مهانگي ٿي وئي، عوام ڪيڏانهن ويندو؟:

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪڏهن وزير اعظم جرمني ۽ جاپان جي سرحد ملائي ٿو ڇڏي ته گورنر سنڌ کي لياقت علي خان جي شهادت جو هنڌ معلوم ناهي، وزيراعظم ۽ گورنر جا عھدا وڏا آھن، نااهل ماڻهن جي ڪري ملڪ  جي بدنامي ٿي رھي آھي.

 

ھي به پڙھندا

 

بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ باوجود آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کان ڊو مور جو مطالبو