اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي رپورٽن مان ثابت ٿي ويو ته امپورٽڊ حڪومت هڪ مستحڪم معيشت ورثي ۾ ملڻ باوجود معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. امپورٽڊ حڪومت معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته قوم سوال ڪري رهي آهي ته پاڪستان خلاف سازش ڪير ڪري رهيو آهي؟ عمران خان چيو ته اسان جي دور ۾ معاشي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي ۽ اسان جي دور ۾ زراعت، تعليم، معيشت جي ترقي ٿي ۽ روزگار جا موقعا به وڌي ويا هئا. عمران خان چيو ته  اڄ پاڪستان ۾ مهانگائي سبب هر ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ڊالر رپئي جي مقابلي ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اقتصادي سروي ۾ اسان جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ملڪ جي 70 سالا تاريخ جي بهترين ڪارڪردگي قرار ڏنو، امپورٽڊ حڪومت بنا ڪنهن هدايتن جي هلي رهي آهي، هنن صرف هڪ ٻئي اين ار او جي لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪيا. هوڏانهن  تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پي ٽي آءِ جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ڇنڇر ڏينهن اسلام آباد ۾ طلب ڪيو آهي، سياسي صورتحال ۽ ملڪ اندر جلد عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي، معيشت جي خراب صورتحال جو جائزو وٺڻ کان علاوه ميڊيا تي پابندين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين خلاف به احتجاجي حڪمت عملي تي غور ٿيندو.