اسلام آباد(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ کٽيندڙ روڊ تي بيٺل ايم ڪيو ايم جو به مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. ڪراچي بعد حيدرآباد جي اليڪشن تي به سواليا نشان آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ تڪ درست نه جڙيا آهن، 74 يوسيون گهٽايون ويون، ايم ڪيو ايم جي علائقن ۾ تڪ درست جڙيل نه آهن. ان ۾ پنج ڇهه مهينا ضايع ڪيا ويا، حڪومت مان نڪرڻ جو نه پيا سوچيون پر اسان وٽ اهو آپشن آهي. اسان کي لڳو ته ايوان ۾ ڪجهه نه ملندو ته پوءِ اهڙي حڪومت ۾ رهڻ جو فائدو نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف اسان کي اعتماد ڏنو ته اسان کيس اعتماد جو ووٽ ڏينداسين، شهباز شريف جا ڪيترائي مسئلا حل نه پيا ٿين، پ پ سان معاهدي جي گارنٽر سڄي پي ڊي ايم قيادت هئي. هن چيو ته اسان هميشه حڪومت نه پر جمهوريت لاءِ فيصلا ڪيا، جنرل باجوه ملاقات ۾ چيو ته اسان نيوٽرل آهيون توهان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪريو.