اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت قانون جِي بالادستي لاءِ تاريخي جنگ وڙهي رهي آهي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، وزير اعظم عمران خان “ڪير بکيو نه سمهي” پروگرام جي افتتاح تقريب کي خطاب ڪيو، عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪچن ٽرڪ جو ڄاروڇائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان وڌيڪ خيرات ڏيندڙ ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي، موبائل ڪچن ذريعي غريب ماڻهن کي مفت کاڌو فراهم ڪيو ويندو.