اسلام آباد (بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ مان ڪي پي ۽ پنجاب ۾ چونڊن بابت فيصلي تي رد عمل ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته عدالت ٽن ججن جي مقابلي ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو حڪم چئن ججن جي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. قانون بابت وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس چار، ٽي سان رد ٿي ويو. فيصلي ۾ نظرثاني اپيل جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي اهو تشريح طلب ڪرڻ جوڳو معاملو آهي. هن چيو ته اڄوڪو فيصلو واضح آهي، ٻن ججن چيو ته جيڪو فيصلو پهرين ٻن ججن ڏنو، سندن راءِ به اها ئي آهي، اسان جو موقف آهي ته پٽيشن چار، ٽي سان رجيڪٽ ٿي وئي آهي، ان حوالي سان وڌيڪ ڪنهن راءِ جي ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته بنيادي طور تي 7 رڪني بئنچ هئي، ٻن ججن راضاڪاراڻي طور پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو هو، سڀ کان وڌيڪ قانون صدر ٽوڙيو، جنهن فيصلو ٿاڦيو ۽ پوءِ واپس وٺي ڇڏيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته ٻنهي هاءِ ڪورٽن ۾ درخواستون اڃا تائين ٻڌڻي هيٺ آهن، اتي ئي تشريح ٿيندي، اسان آن رڪارڊ چئي رهيا آهيون ته ڪير به چونڊن کان نٿو ڀڄي. هن چيو ته عمران خان خلاف ٽيريان جيڊ وائٽ ڪيس اهم آهي اهو اسان جي عدل جي نظام لاءِ امتهان آهي، عمران جا وڪيل ان ڪيس ۾ فرار واري راهه ڳولڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن هن جو اخلاقيات سان نه قانون سان تعلق آهي، جڏهن توهان ڪوڙ ڳالهايو يا ڪجهه به لڪايو ته قانون تاحيات نااهلي جو چوي ٿو، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هن معاملي کي تاخير جو شڪار بڻايو وڃي. هن چيو ته عمران عدالت ۾ بيان ۾ چيو ته ٽيريان منهنجي ڌيءُ ناهي تعجب آهي ته هي پنهنجون استعيفائون واپس ڪري چئي رهيا آهن ته واپس اچڻ ڏيو. ٽيريان خان ڪيس ۾ چون ٿا ته عمران خان ته قومي اسيمبلي جو ميمبر ئي ناهي اڄ ڪوڙي حلف نامي بابت به ڳالهه ٿي قانوني بحث اهو آهي ته ڪوڙي حلف نامي جي سزا ڪهڙي آهي؟ ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته سيتاوائٽ بهادر عورت هئي جنهن پنهنجي ڌيءُ لاءِ قانوني جنگ وڙهي لڪائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته دائره اختيار ڇو چئلينج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عمران هاڻ عدالت مان ڀڄي رهيو آهي. ڪيس جي نوازشريف جي ڪيس جيان روز ٻڌڻي ڪئي وڃي، هي ڪيس اڻ ڄاتل مدي تائين اينگهائڻ جي ڪوشش ڪندا. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته چونڊون ٿين پر ٻين غور طلب معاملن کي به ڏسڻو پوندو، آئيني ۽ قانوني مونجهارو ختم ڪرڻو پونود اسان 2018ع ۾ وسيل پاڪستان ڇڏي وياسين اڄ مهانگائي عمران خان جي آءِ ايم ايف جي شرطن جي ڪري وڌي رهي آهي.