حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي: مريم نواز

0
202
حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي: مريم نواز
حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي: مريم نواز

لاھور (م ڊ) حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي نااهلي جو ثبوت ڏنو آهي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان هر شئي مهانگي ٿي ويندي آهي، سڀني وٽ عمران خان جيان اي ٽي ايم ۽ ڪچن هلائڻ وارا دوست ناهن،

سڀئي ماڻهو بني گالا ۾ نٿا رهن ۽ نه وري وٽن سرڪاري گهر آهن، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪمران عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران اپوزيشن خلاف انتقام ۾ رڌل رهيا،

هاڻ اقتدار بچائڻ ۾ رڌل آهن، فيصل آباد وارو جلسو فيصلائتو هوندو ۽ اڄ عوام کي سمورين ڳالهائين کان آگاهه ڪنداسين،

حڪومت جو 9 سالن وارو پلان تباهه ۽ برباد ٿي ويو، حڪمرانن لاءِ 2021ع جو سال به ڪڍڻ ڏکيو لڳي رهيو آهي، حڪومت پنهنجي خلاف پاڻ لانگ مارچ ڪڍي رهي آهي.