حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو

0
268

حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، ناڻي کاتي پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 5 رپيا مهانگو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 رپيا هڪ پيسو، گاسليٽ 5 رپيا 42 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 5 رپيا 92 پيسا مهانگو ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽرول جي في لٽر جي نئين قيمت 123 رپيا 30 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 120 رپيا 4 پيسا مقرر ڪئي وئي،  لائيٽ ڊيزل 90 رپيا 69 پيسا ۽ گاسليٽ 92 رپيا 26 پيسا في لٽر ڪيو ويو آهي.

ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ کان لاڳو ٿي ويا آهن.