حڪومت شهري ٻوڏ کان بچاءُ جا انتظام ڪيا آهن؟

0
201
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

 سڄو ملڪ سانوڻي جي برساتن  جي وڪڙ ۾ آهي جتي جتي برساتون پيون آهن اتي اتي تباهي جا منظر آهن،بلوچستان جي ته حالت اهڙي آهي جيڪا بيان  نه ٿي ڪري سگهجي،سنڌ ۾ به ڪجهه ڏينهن تائين شهرن ۾ صورتحال خراب هئي.ڪاڇي ۾ ته اڃا تائين  زندگي معمول تي نه اچي سگهي آهي،جڏهن ته اڃا پهرين برساتن جي نقصان  جو ازالو نه ٿيو آهي ۽ متاثر ماڻهو پنهنجي معمول جي زندگي ڏانهن نه موٽي سگهيا آهن ته مٿان ٻين برساتن جو سلسلو اڄ کان وري ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته  ڇا حڪومت انهي برساتي سلسلي کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون ڪيون آهن ڇاڪاڻ ته اڳ ئي جڏهن ماڻهو مسئلن  کي منهن ڏئي رهيا آهن ته مٿان ايندڙ هي سلسلو وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جڏهن ته وارننگ به اها ئي آهي ته سنڌ ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي،ميداني علائقا ته برساتي ٻوڏ کي منهن ڏئي ڏکي سکي گذاري ويا جيڪڏهن شهرن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ان کي ڪيئن منهن ڏنو ويندو ؟

اڄ کان سڄي  ملڪ  ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي رهيو آهي جيڪو نائين تاريخ تائين جاري رهندو جڏهن ته ٻن ڏينهن جي ڪجهه  وقفي کانپوءِ وري يارنهن  تاريخ کان برسات جو امڪان  آهي جيڪو به ڪجهه  ڏينهن جاري رهندو. مطلب ته آگسٽ جو سڄو مهينو تقريبن برساتن جي  حوالي هوندو جيڪو وقفي وقفي سان ڪجهه  تيز ته ڪجهه آهستي وسندو رهندو ،جنهن  سان  سنڌ ۾ شهري ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي برساتن  جيڪو نقصان  ڏنو آهي انهن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي.ذري گهٽ هڪ  سئو ماڻهو انهن برساتن دوران مختلف حادثن  ۽ واقعن جو شڪار ٿيا، هزارين  گهر ڊهي پيا ۽ جيڪو زراعت خاص ڪري کجين  ۽ وونئڻن جي فصل کي نقصان پهتو انهن آبادگارن  جي مٿي تي هٿ ڏئي ڇڏيا آهن.ڪاڇي جي علائقي ۾ ته اڃا تائين  رستا بند  لڳا پيا آهن ۽ ماڻهن وٽ کاڌ خوراڪ جي  کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن ته برساتن  سبب ڊائريا ،گيسٽرو ،ڊينگي ۽ ٻين بيمارين  جنم  ورتو آهي.رستا بند هجڻ سبب ماڻهو مريضن  کي  اسپتالن تائين پهچائڻ کان  قاصر آهن ۽ روز فوتگين جون برسات متاثر علائقن  مان  خبرون اچي رهيون آهن. حڪومت انهن  علائقن ۾ نه مڪمل طور کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري سگهي آهي نه  ئي وري بيمارين کان  بچاءُ ۽ متاثرن  کي علاج جون سهولتون مهيا ڪري سگهي آهي جنهن  ڪري برسات متاثر انهن  علائقن  ۾ ماڻهن جي زندگي ڏکي گذري رهي آهي. انهي صورتحال هوندي جيڪڏهن وري تيز برساتون شروع ٿين ٿيون ته ماڻهن  جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت پنهنجي بحالي جون ڪوششون شروع ڪيون آهن اهي شديد متاثر ٿي سگهن ٿيون  ۽ نوان  مسئلا پيدا ٿي سگهن  ٿا. پر جي برساتون  وڌيڪ  تيز  ٿيون جن  جو امڪان به  آهي  ته شهرن ۾ به صورتحال خراب  ٿي سگهي ٿي جن  کي  سنڀالڻ شايد حڪومت جي وس ۾ نه هجي. ته ڇا حڪومت انهي کي  منهن ڏيڻ جي ڪا تياري ڪئي آهي؟  جيڪا هن وقت تائين ته نظر نه  ٿي اچي.

اسان سمجهون  ٿا ته  حڪومت کي برساتن  جي  ايندڙ سلسلي کي  روايتي انداز ۾ نه وٺڻ گهرجي.ڇاڪاڻ ته هڪ طرف اڳ ٿيل برساتن جي ڪري صورتحال خراب  آهي ،مٿان سڄي ملڪ  ۾ تيز  برساتن۽ انڊيا مان  پاڻي اچڻ ڪري درياءَ به چاڙهه  ۾ آهي جيڪڏهن  هي  سلسلو به وڌيڪ  برساتون  کڻي اچي  ٿو ته  خدا نه ڪري ڪو  وڏو نقصان نه  ٿئي. ان  ڪري حڪومت ضلعي انتظاميا کي هنگامي بنيادن تي تيارين جي هدايت ڏئي ته جيئن شهري ٻوڏ جي امڪاني خطري کان  بچي سگهجي.