حڪومت سڄو اسلام آباد سيل ڪري ڇڏيو آهي: فواد چوڌري

0
294
حڪومت سڄو اسلام آباد

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڄو اسلام آباد گهيري هيٺ آيل شهر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي

هن چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي استعمال ڪندي اپوزيشن تي پابندي لڳائڻ گُهري ٿي، سُپريم ڪورٽ جا اختيار به محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

هن چيو ته حڪومت مان جان ڇڏائڻ ۾ ئي پاڪستان جو ڇوٽڪارو آهي، حڪمرانن کي پاڪستان جي پرواهه ناهي، رڳو ذاتي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ  آيا آهن

اسد عمر چيو آهي ته پرڏيهي مداخلت ذريعي مڙهيل حڪومت دنل آهي، حڪمرانن عوامي ردعمل جي خوف ۾ سڄي اسلام آباد ۾ ڪنٽينرز سٿَي ڇڏيا آهن