حڪومت جي ‘مسڪينان مار مهم’

0
198
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

حڪومت جي ‘مسڪينان مار مهم’ جاري آهي ۽ هر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪيو پيو وڃي. هڪ ته عالمي مالياتي اداري جي فرمائش تي مهانگائي وڌائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، مٿان وري حڪمرانن جي نا اهليءَ ۽ انتظامي گرفت ڍري هجڻ سبب منافعي خور مافيائون عوام جو رت ست چوسي رهيون آهن، ويتر بنا سبب ٻارڻ جون قيمتون وڌائي عوام لاءِ زندگيءَ جا گس به سوڙها ڪيا پيا وڃن. بجلي هجي يا گيس يا تيل هجي، ان جون قيمتون وڌائي مهانگائيءَ کي مهميزون هنيون پيون وڃن. تازي ‘واردات’ اها آهي ته نيپرا بجليءَ جي قيمتن ۾ هڪ رپيو، 25 پئسا في يونٽ جي حساب سان واڌ ڪري ڇڏي آهي. قيمتن ۾ واڌ هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين لاڳو هوندي. ڄاڻايل واڌ سان واهپيدارن تي 46 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.

هي ملڪ ايٽمي طاقت ته آهي پر هتي عوام جي ضرورتن مطابق نه بجلي آهي، نه گيس آهي ۽ نه ئي سستي تيل جون سهولتون ميسر آهن. جيئن جيئن گرمي وڌندي وڃي، تيئن تيئن بجليءَ جي بندش به وڌندي وڃي. اڳ ۾ ان بندش کي لوڊشيڊنگ جو نالو ڏنو ويندو هو، پوءِ ان کي ‘لوڊ مئنيجمينٽ’ جي نالي سان سڏيو ويو پر هاڻي ته ان جو ڪوبه نالو ڪونهي. سنڌ ۾ ته ‘شٽ ڊائون’ ڪري 8 کان 16 ڪلاڪ بجليءَ جي بندش عام آهي. بجلي نه هجڻ جي ڪري نه پاڻي ٿو ملي ۽ نه ئي وري ڊرينيج سسٽم هلي ٿو. بجلي نه هجڻ جي ڪري گرميءَ ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن. هن وقت سنڌ ۾ امتحانن جي سيزن آهي، امتحانن دوران به بجلي بند رهي ٿي. گذريل ڏينهن ڊگري ڪاليج ٺيڙهي ۾ امتحان دوران لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرميءَ سبب يارهين ڪلاس جو شاگرد فوت ٿي ويو. اها ايف آءِ آر ڪنهن تي ڪٽرائجي؟! هڪ طرف بجلي ئي ڪانهي، مٿان وري عذاب اهو، جو بجليءَ جي اگهن ۾ هر نئين ڏينهن اضافو ڪيو پيو وڃي. عوام جا اهنج گهٽائڻ بدران حڪومت کي بجلي جي ورڇ ڪمپنين جي منافعي جو وڌيڪ اونو آهي. ماڻهن کي بجلي ملي ئي ڪانه ٿي، پر فيول ايڊجسٽمينٽ جي نالي ۾ باقاعدگيءَ سان عوام تي معاشي بار وجهڻ جو سلسلو جاري آهي. هن ڀيري به اڳ ئي مهانگائيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ عوام تي هڪ ئي ڌڪ سان 46 ارب رپين جو بار وڌو ويو آهي. ملڪ معاشي طور ڏيوالپڻي کي پهچي چڪو آهي، رڳو رسمي اعلان باقي آهي. ڏيهي صنعتڪار پنهنجون صنعتون پرڏيهه منتقل ڪري رهيا آهن يا وري ملڪ اندر ئي سيڙپ ڪرڻ، صنعتون لڳائڻ بدران پنهنجي موڙي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙائڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن. پرڏيهي سيڙپڪار اچڻ لاءِ تيار نه آهن. جتي ٻارڻ مهانگو هجي، امن امان جون حالتون خراب هجن، سياسي غير يقيني ڇانيل هجي، اهڙين حالتن ۾ سيڙپڪار ڪيئن سيڙپ ڪندا؟ انهن کي ته پنهنجي موڙيءَ جو تحفظ گهرجي. اهو تڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن امن امان جون حالتون بهتر ٿينديون ۽ ٻارڻ جا اگهه گهٽ ٿيندا. حڪمرانن کي آخر اها ڳالهه ڇو نٿي سمجهه ۾ اچي ته ملڪ جي خوشحالي عوام جي خوشحاليءَ سان مشروط آهي. عوام جي جيئڻ جا رستا سوڙها ڪري ملڪ کي ڪيئن ٿو خوشحال بڻائي سگهجي! بجليءَ جا اگهه وڌائڻ سان صرف واهپيدارن تي ئي مالي بار نه پوندو، پر ٻارڻ جي قيمتن وڌڻ جا اثر گهڻ رخا آهن، جنهن جو اثر سمورو عوام ڀوڳي ٿو. مهانگائي وڌي ٿي، ڇو ته مختلف شين جي پيداواري لاڳت وڌي ٿي. صنعتڪار وري تِرن جو تيل تِرن مان ڪڍي ٿا وٺن.

حڪمرانن جو وس پڄي ته اهي عوام جي ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس هڻڻ ۾ دير ئي نه ڪن. هن شديد مهانگائيءَ جي دور ۾ عوام لاءِ جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، زندگيءَ جي اذيت ايتري ته سرس ۽ سوائي ٿي ويئي آهي، جو ماڻهو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن. ملڪ ۾ خودڪشين جو وڌندڙ لاڙو به ان ئي صورتحال جو عڪاس آهي. ان ڪري ماڻهن تي مالي بار وڌائڻ بدران انهن جي زندگين ۾ سهنجايون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته، اها واڌ واپس ورتي وڃي. هر کوٽ ۽ خسارو عوام مان پوري ڪرڻ جي روش ترڪ ٿيڻ گهرجي.